پير الاهي بخش انصاري ’محبوب الاهي‘

پير الاهي بخش انصاري ’محبوب الاهي‘

پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي

پير الاهي بخش انصاري ’محبوب الاهي‘: معلم ۽ مدرس پير الاهي بخش ولد خدابخش ولد جان محمد انصاريءَ جي ولادت 1348هه/ 1929ع ڌاري ضلعي دادو تعلقي خيرپورناٿن جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڪرڪٽ‘ ۾ ٿي. قرآن مجيد پنهنجي والد وٽ پڙهيائين. فارسي تعليم مولانا محمد ڇٽل لغاريءَ (82- 1982ع) وٽ پوري ڪيائين. ان دؤران گوزي اسڪول ۾ سنڌي فائنل تائين تعليم ورتائين. پوءِ عربي تعليم مدرسي ڪڙيي غلام الله ۾ مولانا محمد اسحاق کوهاري (متوفي 1381هه/ 1961ع) وٽ پڙهيو. ڪجهه وقت نصر پور ۾ مولانا عبدالحق ربانيءَ وٽ پڙهيو. سندس استادن ۾ مولانا خان محمد آڳرو (متوفي 1388هه/ 1968) مولانا عبد الرحمان پئي شريف وارو به هئا، جيڪي قرآن جا حافظ هئا ۽ کين قرآن پاڪ جي ناسخ منسوخ حڪمن تي درڪ حاصل هو ۽ علمِ حديث، فتويٰ نويسي ۽ فقھ تي وڏو عبور رکندا هئا. انهن استادن جي محنت سان ذوالحج 1365هه/ آڪٽوبر 1946ع ۾ تحصيلِ علم کان فارغ ٿي اباڻي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو جاري ڪيائين. فارسي، عربي، فقھ، تفسير، حديث، اصول، منطق وغيره وڏيءَ مهارت سان پڙهائيندو هو. تصوف ۽ روحانيت جي حصول لاءِ پير عبدالغفار عرف ’پير مٺا سائين‘ سان سلسله نقشبندي ۾ بيعت ورتائين.
هو سخي ۽ وضع وارو استاد هو. بيباڪي ۽ حق گوئيءَ سبب ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيائين، پر مستحڪم مزاجيءَ سان هر مصيبت کي منهن ڏنائين. عالم، فاضل، محقق ۽ پرهيزگار شخص هو. معقول ۽ منقول تي عبور رکندو هو. شعر گوئيءَ تي طبع آزمائي ڪيائين. خطاط به سٺو هو.
سندن شمار سنڌ جي انهن حقاني ۽ رباني عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن قول ۽ ڪردار، علم ۽ معرفت سان اڃايل دلين جي آبياري ڪئي. پاڻ ڪيترا ڪتاب لکي انڌن عقيدن جي اصلاح ڪيائين.
جهالت ۽ وهم پرستيءَ خلاف لکيائين. سندن زبان ۽ قلم ۾ زور هو. فقھ، تصوف، علم ۽ عرفان جو صاحب هو. پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن جي خوشين ۽ غمين جي ميڙاڪن ۾ وڃي محمدي پيغام پهچائيندو هو. عمر جي آخري پساهن تائين مطالعو جاري رکيائين. سڄي ڄمار تهجد گذار رهيو. سندس تصنيفن ۾: ’قوة السالڪين‘، ’بهجة القلوب‘ ۽ ’جامِ عشق‘ ڪتاب شامل آهن. پير صاحب 24 ربيع الاول 1411هه/14 آڪٽوبر 1990ع ۾ ماتلي ضلعي بدين ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار ماتلي شهر ۾ ٽنڊي غلام علي روڊ تي عام ۽ خاص جي زيارتگاهه آهي. سندس گادي نشين پير ڪرم الله، پير صاحب جي مشن کي جاري رکيو اچي. سنڌ ۾ سندس وڏي تعداد ۾ عقيدتمند موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو